ليلارام سيتائي شاعر

سيتائي ليلارام ’شاعر‘: مشهور شاعر ليلارام، جنهن جو تخلص ’شاعر‘ هو، سيتا وليج ۾ 1890ع ۾ سيتا، تعلقي خيرپور ناٿن شاهه ۾ جنم ورتو. هو هڪ قابل استاد ۽ شاعر هو. شاعريءَ ۾ سندس اصلاح مرحوم جمع خان ’غريب‘ ڪندو هو. نهايت عمدو ۽ پختو غزل لکندو هو. استاد سان گڏجي ’جمعيت الشعراء سنڌ‘ جي مشاعرن ۾ حصو ورتائين. سندس ڪلام ’اديب سنڌ‘ ۽ ان دور جي ٻين ادبي رسالن ۾ ڇپيو هو. ورهاڱي وقت هندستان لڏي ويو.
سندس هيٺيون شعر اديب سنڌ جي ڪانفرنس نمبر (اپريل مئي 1944ع) واري شماري ۾ شايع ٿيل آهي، جيڪو هتي پيش ڪجي ٿو:
عشق هن جي ۾ مان اهڙو ٿي ويو مدهوش هوس،
منهنجي دولت هن لٽي ٿي مان مگر خاموش هوس.
آهه زاري، بيقراري، مون ڪئي تاهم مگر،
تيرِ مزگان پيو هڻي ڏاڍو، ڪو مون تي جوش هوس.


هن صفحي کي شيئر ڪريو